ڪامران جيلاني

ڪامران جيلاني : اردو ٻوليءَ جو ناميارو شاعر، اديب، نقاد، دانشور، ڪامران جيلاني، 24 آگسٽ 1926ع تي پونڇ (ڪشمير) ۾ پيدا ٿيو. هو نظم ۽ نثر جو بهترين ليکڪ رهيو آهي. سندس شعري مجموعن ۾: ’استنازي‘، نفس ڪف پا‘، ’ڇوٽي بڙي نظمين، اور نظمين‘، ’دستانويز اور ڪامران جيلاني ڪي نظمين‘ شامل آهن. هن جي نثري ڪتابن ۾: ’تنقيد ڪا نيا پسمنظر‘، ’نئي نظم ڪي تقاضي‘، ’غالب ڪي تنقيدي شخصيت‘، ’نظريه پاڪستان ڪا ادبي اور فڪري مطالعه‘، ’اقبال اور همارا عهد‘، ’لاهور ڪي گواهي‘، ’قائداعظم اور آزادي ڪي تحريڪ‘، ’همارا ادبي و فڪري سفر‘ ۽ ’ادب ڪي مخفي اشاري‘ شامل آهن. حڪومت پاڪستان سندس ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس تمغه امتياز ۽ صدارتي تمغه براءِ حسن ڪارڪردگي ڏنا هئا. هي 22 فيبروري 2003ع تي لاهور ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس لاهور ۾ ئي دفن ڪيو ويو.


لفظ ڪامران جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو